80

فائز عيسيٰ جي رٽائرمينٽ کان اڳ نئين چيف جسٽس جو نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويندو: فاروق ايڇ نائيڪ

اسلام آباد: سينئر وڪيل ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جي چيئرمين فاروق ايڇ نائيڪ چيو آهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي رٽائرمينٽ کان اڳ نئين چيف جسٽس جو نوٽيفڪيشن اچي ويندو.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته گذريل ڏينهن وڪيلن جي ڪنوينشن ۾ مون بطور پاڪستان بار ڪونسل جي چيئرمين طور شرڪت نه ڪئي. ڪنوينشن ڪرڻ وڪيلن جو حق آهي، آئيني عدالت بابت اسان جو موقف آهي ته آئيني عدالت بنجڻ گهرجي، آئيني عدالت سان ملڪ جو فائدو ئي آهي، نقصان نه آهي. آئيني عدالت جي جوڙجڪ سان ڪيترائي ڪرمنل ۽ سول ڪيسز گهٽ ٿي ويندا.

فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته قانون واري وزير اسان ڏانهن گڏيل آئيني ترميم جو ڊرافٽ اماڻيو هو جنهن جو اسان جائزو ورتو، اسان انهي ۾ ڪجهه ترميمون ۽ تبديليون ڪري پنهنجون گذارشون واپس اماڻيون آهن. نوازشريف ۽ شهيد بينظير ڀٽو ميثاق جمهوريت ۾ آئيني عدالت ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو هو.

هن صحافين کي چيو ته نئين چيف جسٽس جو نوٽيفڪيشن قانون واري وزارت کي جاري ڪرڻو هوندو آهي اهو حڪومت جو ڪم هوندو آهي، مان سمجهان ٿو ته قاضي فائز عيسيٰ جي رٽائرمينٽ کان اڳ نئين چيف جسٽس جو نوٽيفڪيشن اچي ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں