39

جيل ۾ سهولتن جو ناجائز فائدو: عمران خان خلاف دهشتگردي جو هڪ ٻيو ڪيس داخل

اسلام آباد:عمران خان، علي گنڊاپور، اعظم سواتي ۽ ٻين جي خلاف دهشتگردي جو هڪ ٻيو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت  مٿان ڪيس داخل ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، باني چيئرمين عمران خان، ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور، اعظم سواتي جي خلاف سنگجاني ٿاڻي ۾ هڪ ٻيو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

نامزد قيادت کان علاوه 2000 کان 2500 نامعلوم ڪارڪن به ڪيس ۾ شامل ڪيا ويا آهن جڏهن ته ڪيس ۾ دهشتگردي سميت 12 قلم شامل ڪيا ويا آهن.

ڪيس جي متن موجب پي ٽي آءِ باني چيئرمين جيل ۾ ڏنل سهولتن جو ناجائز استعمال ڪيو، پي ٽي آءِ باني جي ڀڙڪائڻ تي علي امين گنڊاپور وڏي وزير جي ناتي سرڪاري وسيلن جو غلط استعمال ڪيو ۽ اعظم سواتي مظاهرين جي مالي مدد ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں