82

احتجاج دوران شرپسندي ڪندڙ گرفتار افغان شهرين جا بيان سامهون اچي ويا. ڇرڪائيندڙ انڪشاف

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) قيادت جي چوڻ تي انتشار ۽ بدامني پکيڙيندڙ گرفتار افغان شهرين جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون اچي ويا آهن.

گرفتار افغان شرپسندن جون سامهون ايندڙ ڳالهين ۾ شرپسند ٻڌايو آهي ته منهنجو نالو خيال گل آهي ۽ منهنجو تعلق افغانستان سان آهي. پي ٽي آءِ مون کي 2 هزار روپين جي لالچ ڏئي ڌرڻي تي گهرايو ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ جو چيو. پي ٽي آءِ قيادت پاڻ ته ڀڄي وئي اسان کي هتي پوليس پڪڙي ورتو آهي. افغان شرپسند خيال گل موجب پي ٽي آءِ قيادت جي ڳالهين ۾ اچڻ تي مان شرمنده آهيان انهن جو ساٿ ڏيڻ ڪم نه آيو، انهن پئسا به نه ڏنا ۽ ٻيهر نظر به نه آيا.

هڪ ٻئي افغان شرپسند مولاداد چيو ته اسان ٽئي دوست پشاور کان پي ٽي آءِ جي ڌرڻي ۾ شرڪت جي لاءِ آيا هئاسين، پي ٽي آءِ اسان کي پئسن جي لالچ ڏني ۽ اسلام آباد ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ ۽ ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي هدايت ڏني.  انهن اڃان تائين اسان کي پئسا به نه ڏنا آهن پر انهن جي ڪري اسان اڄ جيل ۾ بند آهيون. اسان جي پنهنجن افغان ڀائرن کي گذارش آهي ته ڪنهن به قسم جي ڀڃ ڊاهه نه ڪريو ۽ نه ئي ڪنهن جي گاڏي کي باهه ڏيون.

ٽئين شرپسند عبدالرحمان چيو ته منهنجو تعلق افغانستان سان آهي ۽ مان پشاور ۾ مزدوري ڪندو آهيان، مان محنت مزدوري ڪري پنهنجن ٻارن جي لاءِ حلال روزي ڪمائيندو آهيان، پر پي ٽي آءِ جهڙي شرپسند پارٽي چاهي ٿي ته اسان ڌرڻن ۾ شامل ٿيون، پي ٽي آءِ چاهي ٿي ته اسان اسلام آباد ۾ وڃي اتي فساد ڪريون ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں