81

آئيني ترميم لاءِ اسان جي ميمبرن کي 12 ڪروڙ روپين جي آڇ ٿي چڪي آهي: اسد قيصر

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر دعويٰ ڪئي آهي ته آئيني ترميم جي لاءِ اسان جي ميمبرن کي 12 ڪروڙ روپين تائين جي آڇ ٿي چڪي آهي.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر نجي ٽي وي سان خصوصي ڳالهيون ڪندي چيو آهي ته آئيني ترميم لاءِ اسان جي ميمبرن کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، 12 ڪروڙ روپين جي آڇ ٿي چڪي آهي، وانا جي ايم اين اي کي به خريد ڪرڻ جي لاءِ حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

اسد قيصر چيو ته تڪڙ ۾ ڪابه ترميم نه ڪرڻ ڏينداسين، ڪنهن به غيرقانوني ترميم جي مزاحمت ڪنداسين، پارليامينٽ ۾ مان پاڻ انهي مزاحمت جي اڳواڻي ڪندس.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته ترميم جو مسودو اسان جي سامهون رکو، انهي جو جائزو وٺنداسين، اسان آئيني ترميم تي ڳالهيون ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون پر هڪ طرفي ترميم ڪنهن به صورت ۾ پيش ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته غير آئيني ترميم جو رستو روڪڻ ۾ مولانا فضل الرحمان جو وڏو اهم ڪردار آهي، اميد آهي ته مولانا آئنده به آئين جي حڪمراني لاءِ ڪردار ادا ڪندو. بلاول ڀٽو کي به چوان ٿو ته تڪڙ ۾ ڪوبه غلط فيصلو نه ڪريو.

اسد قيصر چيو ته پي ٽي آءِ باني جي واضح حڪمن تائين اسان احتجاج جو سلسلو جاري رکنداسين. ڪارڪنن کي زبردست تحريڪ هلائڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. اسان پي ٽي آءِ باني جي هدايت تي احتجاج ۾ شريڪ نه ٿياسين، پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته ڪي پي هائوس تي حملو قانون جي ڀڃڪڙي آهي هنن خيبرپختونخواهه جي اثاثي تي حملو ڪيو، اسان جو مطالبو آهي ته نئين چيف جسٽس جي مقرري جو جلد کان جلد اعلان ٿيڻ گهرجي.

هن اهو به چيو ته (ن) ليگ جي اندر مايوسي پکڙيل آهي ۽ انهي سان گڏ پ پ سان به معاملا ڇڪتاڻ جو شڪار آهن، مان حڪومت کي ڊسمبر تائين ختم ٿيندي ڏسي رهيو آهيان، وفاقي حڪومت ختم ٿيڻ جا ٻيا به ڪيترائي سبب آهن. اسد قيصر ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور بابت چيو ته مون کي انهي جي واپسي بابت ڪابه خبر نه آهي، مون کي خبر نه آهي ته اهو ڪيئن واپس آيو؟ انهي جون ڳالهيون ٿيون يا نه اهو به نٿو ڄاڻان ۽ نه ئي مان ڪنهن ڳالهين جو حصو هئس، علي امين سان تفصيلي ڳالهيون ڪري واپسي بابت ڄاڻ حاصل ڪندس.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں