44

پاڪستان ۾ وڌيڪ 4 پوليو ڪيس سامهون اچي ويا، هلندڙ سال انگ 32 ٿي ويو

اسلام آباد: ملڪ ۾ پوليو جا وڌيڪ 4 ڪيس سامهون اچي ويا آهن، پوليو ڪيس جيڪب آباد، ڪراچي جي ضلعي ملير ۽ ڊيره اسماعيل خان ۾ سامهون آيا آهن، جيڪب آباد جي تعلقي ٺل ۾ 32 مهينن جي ٻارڙي ۽ 18 مهينن جو ٻارڙو پوليو وائرس سبب متاثر ٿيو آهي.

ضلعي ملير جي تعلقي بن قاسم ۾ 72 مهينن جو ٻارڙو پوليو سبب متاثر ٿيو آهي، جڏهن ته ڊيره اسماعيل خان ۾ 22 مهينن جو ٻار پوليو وائرس جو شڪار ٿي ويو جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ هلندڙ سال پوليو سبب متاثر ٿيل ٻارن جو انگ 32 ٿي ويو آهي.

پاڪستاني اختيارين ۽ عالمي ماهرن آڪٽوبر ۾ وڌيڪ ڪيترن ئي ٻارن جي پوليو سبب ماثر ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. ماهرن موجب پاڪستان ۾ سال جي آخر تائين پوليو سبب متاثر ٻارن جو انگ 55 کان 65 تائين پهچي سگهي ٿو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں