53

هڙتال سبب 190 ارب روپين جو روزاني نقصان ٿيندو آهي: محمد اورنگزيب

اسلام آباد: وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته هڙتال سبب 190 ارب روپين جو روزاني نقصان ٿيندو آهي هن  وقت ملڪ ۾ مهانگائي 44 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي آهي.

وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) پروگرام جي منظوري جا ثمر اچڻ شروع ٿي ويا آهن. روپئي جي قيمت ۾ به استحڪام اچي رهيو آهي، ملڪ ۾ مهانگائي گهٽ ٿي رهي آهي.

هن چيو ته اسٽيٽ بينڪ موجب 2025 تائين مهانگائي 6 سيڪڙو تائين اچي ويندي. جڏهن ته هن وقت ملڪ ۾ مهانگائي 44 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي آهي، ملڪ ۾ وياج جي شرح به گهٽ ٿي وئي آهي جنهن کي وڌيڪ گهٽ ڪيو ويندو. مهانگائي 6.9 سيڪڙو تي اچي وئي آهي.

محمد اورنگزيب چيو ته ڪاروبار بند ٿيڻ سبب معيشت کي نقصان ٿيندو آهي، جڏهن به ڪٿي احتجاج ٿيندو آهي انهي جا سنجيده اثر پوندا آهن جڏهن به امن امان جي لاءِ بازارن کي بند ڪرڻو پوندو آهي ان جا سنجيده نتيجا پوندا آهن جڏهن به ڪوبه شهر بند ٿيندو آهي ته انهي جو معيشت تي منفي اثر پوندو آهي.

هن چيو ته اسان هڙتال جي بندش سبب نقصان جو اندازو لڳايو آهي، هڙتالن سبب اسپتالن ۽ اسڪولن ۾ نٿا وڃي سگهون، اميد آهي ته ايندڙ ڏينهن وياج جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي.

ناڻي واري وزير چيو ته گذريل 3 کان 4 ڏينهن ۾ اسلام آباد ۾ 8 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن. جيڪي هڙتال جو سڏ ڏيندا آهن انهن کي ملڪ ۽ عوام جو سوچڻ گهرجي ۽ ويهي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. هڙتال سبب 190 ارب روپين جو روزاني نقصان ٿيندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هڪ ڏينهن اڳ چيني ڀائرن جي قيمتي جانين جو نقصان ٿيو. انهن جي نقصانن جو اندازو نٿا لڳائي سگهون، اهي آءِ پي پيز جا انجنيئر هئا جن سان اسان ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين، هي اهي ڀائر هئا جن ملڪ جي مدد لاءِ قدم وڌايو هو.

محمد اورنگزيب وڌيڪ چيو ته هڙتالون نه برداشت نه ڪري سگهنداسين، عوام ڪنهن اهڙي قدم جو حصو نه بڻجي جنهن سان معيشت کي نقصان پهچي ٿو. معيشت کي نقصان پهچندو ته پاڪستان کي نقصان پهچندو. حڪومتي پنهنجي معاشي پوزيشن کي برقرار رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں