122

ڪوئيٽا گليڊيئيٽر جي ملتان سلطانز خلاف بيٽنگ جاري

ملتان: ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز ملتان سلطانز خلاف بيٽنگ ڪندي مقرر 15 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 80 رنسون ٺاهي ورتيون.

پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 8 جي ٽئين ميچ ۾ ملتان سلطانز ٽاس کٽي ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني.

ملتان اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ملتان سلطانز جي ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽي گليڊي ايٽرز جي ڪپتان سرفراز کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني.

ملتان سلطانز: ڪپتان محمد رضوان، شان مسعود، ڊيوڊ ملر، ڪيرون پولارڊ، خوشدل شاهه، عقيل حسين، اساما مير، سمين گل، عباس آفريدي، احسان الله.

ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ڪپتان سرفراز احمد، مارٽن گپٽل، جيسن راءِ، عمر اڪمل، افتخار احمد، محمد حفيظ، محمد نواز، عبدالواحد، نسيم شاهه، محمد حسنين، نوان تشارا شامل آهن.

واضح رهي ته ملتان سلطانز کي پهرين ميچ ۾ لاهور قلندرز خلاف سنسني خیز مقابلي کانپوءِ هڪ رنسن تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں