37

ڪراچي: گارمنٽس فيڪٽري جي 5 ماڙ عمارت کي لڳل باهه تي ضابطو نه اچي سگهيو، ڇتيون پٽ پئجي ويون، 7 ڄڻا زخمي

ڪراچي: گارمنٽس فيڪٽري  جي 5 ماڙ عمارت کي لڳل  باهه تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي، ڇتيون ۽ ڀتيون ڪرڻ سبب 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

ريسڪيو ذريعن موجب لانڍي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۾ گارمنٽس فيڪٽري ۾ لڳل باهه جي شدت ۾ لاڳيتو اضافو ٿي رهيو آهي باهه متاثر فيڪٽري جي پاسي ۾ سيمنٽ فيڪٽري جي ڇت تائين پکڙجي چڪي آهي. باهه بي قابو ٿيڻ سبب 5 ماڙ فيڪٽري جي عمارت جون ڪجهه ڇتيون به وچ مان پٽ پئجي ويون. ريسڪيو ترجمان 1122 موجب باهه کي ٽئين درجي جي قرار ڏنو ويو آهي. ريسڪيو آپريشن جي دوران فيڪٽري جي هڪ نوڪرياڻي کي ساهه جي تڪليف کي منهن ڏيڻو پيو جنهن کي شروعاتي طبي امداد ڏني وئي آهي.

هوڏانهن باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪارگر ثابت نه ٿي رهيون آهن.  دونهين جي مقدار ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. ريسڪيو آپريشن جي دوران متاثر فيڪٽري مان زوردار ڌماڪي جا آواز به ٻڌا ويا. هوڏانهن فيڪٽري جي ڀت ڪرڻ سبب 3 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن.

ايڌي ذريعن موجب لانڍي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون چوڪي نمبر 5 جي ڀرسان متاثر فيڪٽري جي عمارت جو حصو ڪرڻ سبب 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي ويجهين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن چيئرمين ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون اي ڊي خواجه باهه سبب متاثر فيڪٽري تي پهتو، انهي موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي انهي ٻڌايو ته باهه لڳڻ جي اطلاع ساڍي 10 وڳي  ملي، شروع ۾ اسان جا اي پي زيڊ جا فائر ٽينڊر پهتا هئا پر باهه جي شدت کي ڏسندي وڌيڪ فائر ٽينڊرز طلب ڪيا ويا.

هن ٻڌايو ته ڪمشنر ڪراچي ۽ ريسڪيو 1122 جي سربراهه سان ڳالهيون ٿيون آهن. ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جلد باهه تي ڪنٽرول ٿي سگهي ۽ ان سان گڏ  فيڪٽري کي سڙڻ کان بچايو. متاثر فيڪٽري ۾ پراڻن ڪپڙن جي ري سائيڪلنگ جو ڪم  ٿيندو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں