وانا: ڏکڻ وزيرستان ۾ ريموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 2 پوليس اهلڪارن سميت 14 ڄڻا به زخمي ٿي پيا.
ڊي ايس پي عمران الله موجب تعلقه وانا جي علائقي رستم بازار ۾ ڌماڪو پوليس موبائيل وين جي ڀرسان ٿيو. زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڊي ايڇ ڪيو اسپتال وانا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.
ڌماڪي سبب پوليس موبائل کي به نقصان پهتو ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر طاهر شاهه موجب ڌماڪي کان پوءِ فائرنگ به ڪئي وئي. ڊي پي او ٻڌايو ته واقعي کان پوءِ علائقي ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. واقعي واري هنڌان شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن. ڊي ايس پي ٻڌايو ته لاشن ۽ زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو وانا منتقل ڪيو ويو آهي، اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.