تل ابيب: اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو پنهنجي تازي بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيل غزه تي قبضي ڪرڻ جو نه پر انهي کي حماس کان آزاد ڪرڻ جو منصوبو ٺاهي رهيو آهي.نيتن ياهو جو اهو بيان انهي وقت سامهون آيو آهي جڏهن گذريل ڏينهن اسرائيل ڪابينه غزه تي ڪنٽرول جي تجويز کي منظوري ڏئي ڇڏي هئي جنهن تي ڪيترن ئي مغربي ملڪن اختلاف ڪيو هو. آسٽريليا، جرمني، اٽلي، نيوزيلينڊ ۽ برطانيه جي پرڏيهي وزيرن جي گڏيل بيان ۾ اسرائيل جي امڪاني فوجي آپريشن کي رد ڪندي فلسطين جي لاءِ ٻه رياستي حل تي زور ڏنو ويو هو. انهن ملڪن واضح ڪيو ته هو انهي خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ پرعزم آهي.ٻئي طرف فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس اسرائيلي ڪابينه جي فيصلي کي جنگي ڏوهه قرار ڏيندي انهي جي سخت مذمت ڪئي هئي. حماس جي ترجمان چيو ته اسرائيل کي انهي مهم جو ڪيتو ڀوڳڻو پوندو ۽ غزه تي قبضو ڪرڻ ايترو آسان نه هوندو. نيتن ياهو پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته غزه کي غير مسلح ڪري هڪ پرامن شهري انتظاميه قائم ڪئي ويندي. جنهن ۾ فلسطيني اٿارٽي، حماس يا ڪنهن دهشتگرد تنظيم کي شامل نه ڪيو ويندو. هن چيو ته اهو قدم اسرائيلي يرغمالين جي آزادي ۾ مددگار ثابت ٿيندي.اهو بيان انهي تڪرار جي حل جي حوالي اسان اسرائيل جي طرفان هڪ نئين حڪمت عملي جي عڪاسي ڪري ٿو. جنهن کي عالمي سطح تي مختلف رد عمل جو منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جتي هڪ طرف مغربي ملڪ ٻه رياستي حل جي ڳالهه ڪري رهيا آهن اتي اسرائيل پنهنجي شرط تي غزه جي انتظاميه کي تبديل ڪرڻ تي زور ڏئي رهيو آهي.
