مانچسٽر:پاڪستاني ڪرڪٽر حيدر علي کي هڪ خاتون سان مبينه زيادتي جي الزام هيٺ انگلينڊ جي شهر مانچسٽر ۾ گرفتاري بعد ضمانت تي آزاد ڪيو ويو آهي.
انگلش پوليس موجب، حيدر علي کي ٻن هفتن بعد ٻيهر پيش ٿيڻ لاءِ سڏ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان دوران هن کي برطانيه ڇڏڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته هي واقعو پاڪستان شاهينز ڪرڪيٽ ٽيم جي تازي انگلينڊ دوري دوران پيش آيو.
ٻئي طرف پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) حيدر علي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.
پي سي بي موجب، قومي ٽيم جو بيٽسمين هن وقت مانچسٽر پوليس جي هڪ ڪرمنل ڪيس ۾ شامل آهي، جنهن سبب کيس معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
پي سي بي جو چوڻ آهي ته حيدر علي کي قانوني مدد مهيا ڪئي ويندي ته جيئن سندس حقن جو تحفظ يقيني بڻجي سگهي، ڪيس جو فيصلو اچڻ تائين هو معطل رهندو، قانوني ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ئي ضابطن موجب وڌيڪ قدم کنيا ويندا، ۽ ان وقت تائين بورڊ ڪو به اضافي تفصيل جاري نه ڪندو.