اسرائيلي: اسرائيلي سيڪيورٽي ڪابينا وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو جي غزه تي فوجي قبضي واري تجويز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.نيتن ياهو آمريڪي ميڊيا کي انٽرويو ۾ چيو هو ته اسرائيل جي سلامتي لاءِ هو غزه جي سڀني علائقن جو ڪنٽرول سنڀالڻ چاهين ٿا. سندس چوڻ هو ته هو غزه تي حڪمراني نٿا چاهين ۽ علائقي جو انتظام بعد ۾ ڪنهن سول حڪومت حوالي ڪيو ويندو.فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس نيتن ياهو جي بيان جي سخت مذمت ڪندي ان کي غزه ۾ جنگبندي بابت ٿيندڙ ڳالهين تي شب خون قرار ڏنو.حماس واضح ڪيو ته هو ڪنهن به صورت ۾ اسرائيل کي غزه تي مڪمل ڪنٽرول ڪرڻ نه ڏيندا. تنظيم موجب اسرائيل جو اصل مقصد فلسطيني عوام جو قتل عام ۽ بي دخلي آهي، جڏهن ته نيتن ياهو پنهنجن مفادن خاطر يرغمالين کي قربان ڪرڻ چاهين ٿا. حماس اعلان ڪيو ته هو دشمن جي خلاف آخر تائين مزاحمت جاري رکندا.
