45

ايم ڊي ڪيٽ جو ٽيسٽ آءِ بي اي سکر وٺندو، سنڌ ڪابينه جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ ڪابينه جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ايم ڊي ڪيٽ جو ٽيسٽ هاڻ  يونيورسٽيز جي بجاءِ آءِ بي اي سکر وٺندو.

رپورٽ موجب سنڌ ڪابينه جو اجلاس سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجز ۾ دالخه پاليسي بابت معاملا غور هيٺ آيا.

سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان موجب اها پاليسي پبلڪ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر ٻنهي جي لاءِ هڪ جهڙي هوندي. صحت کاتو ميڊيڪل ڪاليجز ۾ داخلا کي ريگوليٽ ڪندو آهي. پبلڪ سيڪٽر ۾ ايم بي بي ايس جي 2550 ۽ بي ڊي ايس جون 500 سيٽون آهن جڏهن ته پرائيويٽ سيڪٽر ۾ ايم بي بي ايس جون 1441 ۽ ڊينٽل جون 2025 سيٽون آه

سنڌ ڪابينه جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هاڻ يونيورسٽيز جي بجاءِ ايم ڊي ڪيٽ جو ٽيسٽ آءِ بي اي سکر وٺندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته  گذريل ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ۾ ڪجهه بي ضابطگين تي گهرو پاليسي ۾ تبديلي ڪئي آهي. گهرو پاليسي ۾ شفافيت ۽ ميرٽ اسان جي اولين ترجيح آهي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت تعليم جي معيار کي بهتر بنائڻ جي لاءِ ڪوشان آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں