54

سنڌ اسيمبلي اجلاس: ميمبرن جي پگهارن ۽ مراعات ۾ اضافي جو بل گڏيل طور تي منظور

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۽ مراعت ۾ اضافي جو بل گڏيل طور تي منظو ڪري ورتو آهي. اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ گذريل ڏينهن ٿيل سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ 3 اهم بلن جي منظوري ڏني وئي، اهي بل قانون واري وزير ۽ پارلياما معاملن واري وزير ضياءُالنجار طرفان ايوان ۾ پيش ڪيا ويا هئا.ايوان جي ڪارروائي دوران قانون ۽ پارلياماني معاملن واري وزير ضياءُالحسن لنجار سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن جي پگهارن ۽ الائونسز ۾ اضافي بابت ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن جي ايوان مرحليوار منظوري ڏني، سمورن ميمبرن بل جي حمايت ڪئي ۽ انهي کي گڏيل طور تي منظو ڪري ورتو.سنڌ ڪابينه 7 آگسٽ تي پنهنجي اجلاس ۾ انهي بل جي مسودي جي منظوري ڏني هئي ۽ ڪابينه جي منظوري کان پوءِ هاڻ انهي کي سنڌ اسيمبلي مان به منظوري حاصل ٿي وئي آهي.منظور ٿيل قانون سان حڪومت ۽ اپوزيشن ٻنهي طرفان اسيمبلي ميمبرن هڪ جهڙي طور تي فائدو حاصل ڪري سگهندا ۽ ڪيترين ئي مراعتن جا حقدار به هوندا، جن ۾ مهمانداري الائونس، هائوس رينٽ الائونس، يوٽيلٽي الائونس، ڊيلي الائونس، ڪنوينس الائونس، اڪاموڊيشن الائونس، ٽريولنگ الائونس، مائيلج الائوس، مفت سفري سهولت، ٽيليفون جي سهولت، علاج جي سهوليت، آفيس مينٽيننس الائونس ۽ ٻيا الائونسز به شامل آهن جن جي سفارش سنڌ اسيمبلي جي پارلياماني ڪميٽي ڪندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں