57

ڪراچي ۾ افسوسناڪ واقعو پيش: پٽ فائرنگ ڪري پيءُ، ڀاءُ ۽ ڀاڄائي کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪراچي:ڪراچي ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي جنهن دوران پٽ فائرنگ ڪري پنهنجي ئي گهر جي 3 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب اهو واقعو حيدرآباد ڪالوني ۾ پيش آيو جتي هڪ پٽ فائرنگ ڪري پيءُ ۽ ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب فائرنگ سبب جوابدار جي ڀاڄائي به زخمي ٿي جيڪا علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي اطلاع ملندي ئي ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪري هٿيار به هٿ ڪيو ويو آهي. پوليس موجب مقتول اميدالله  زال ٻارن سان گڏ پنهنجي والد نعمت الله جي گهر ۾ ئي رهندو هو. جڏهن ته جوابدار اعجاز ايئرپورٽ جي علائقي ۾ رهندو هو. جوابدار پستول تي سائلنسر لڳائي رکيو هو.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته معاملي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي. شروعاتي اطلاعن موجب معاملو گهريلو رنجشن سبب پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ کان پوءِ ئي تفصيل ٻڌائي سگهجن ٿا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں