46

وفاقي سرڪار 24 سرڪاري ادارن جي ٽن مرحلن ۾ نجڪاري جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد:) وفاقي حڪومت 24 سرڪاري ادارن جي 3 مرحلن ۾ نجڪاري جو فيصلو ڪري ورتو آهي. وفاقي حڪومت طرفان تيار ڪيل نجڪاري جي فهرست قومي اسيمبلي اجلاس ۾ وفاقي وزير نجڪاري عبدالعليم خان پيش ڪئي.

عبدالعليم خان چيو ته گذريل سال 24 سرڪاري ادارن کي نجڪاري جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ادارن جي نجڪاري 3 مرحلن ۾ ڪئي ويندي. هن چيو ته 10 ادارن جي نجڪاري هڪ سال جي اندر مڪمل ڪئي ويندي. هن چيو ته  13 ادارن جي نجڪاري ٻئين مرحلي ۾ 3 سالن جي اندر ڪئي ويندي. ٽئين مرحلي ۾  پوسٽل لائف انشرونس ڪمپني جي نجڪاري 5 سالن ۾ ٿيندي.

وفاقي وزير طرفان قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل تفصيلن موجب پهرين مرحلي ۾ آئيسڪو سميت 3 ڊسڪوز جي نجڪاري به ڪئي ويندي. پهرين مرحلي ۾ قومي ايئر لائين پي آءِ اي، روز ويلٽ هوٽل ۽ زرعي ترقياتي  بينڪ جي نجڪاري به شامل آهي.

وفاقي وزير نجڪاري موجب فرسٽ ويمن بينڪ هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن، اسٽيٽ لائف انشورنس، يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن ۽ چار جينڪوز جي نجڪاري ڪئي ويندي. ٻئين مرحلي ۾ ليسڪو سميت 9 ڊسڪوز جي نجڪاري به ڪئي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں