75

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگار، سڄاڻ ڌُريون ۽ سياسي سماجي تنظيمون سراپا احتجاج

ڪراچي (رپورٽرز) سنڌ جي ڪئنالز ۽ شاخن ۾ پاڻي جي لڳاتار کوٽ خلاف آبادگار، سڄاڻ ڌُريون ۽ سياسي سماجي تنظيمون سراپا احتجاج بڻيل آھن،  حيدرآباد جي شاخن ۽ واهن ۾ پاڻي کوٽ خلاف راهوڪي اسٽاپ وٽ ڌرڻو ھنيو ويو. پاڻي جي چوري ۽ کوٽ خلاف نعريبازي، درياهه خان مري ڏيپلو، ۽ ٺري ميرواهه ۾ آبادگارن  پاران مظاھرا ڪيا ويا، گُپچاڻي ۾ آبادگارن جو 13هين ڏينهن به احتجاج جاري رکيو ويو، ٽنڊو باگو ۾ شهرين جو پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ خلاف ڌرڻو ھنيو ويو. ڏهرڪي ۾ ڳوٺاڻن پاڻي کوٽ خلاف احتجاج طور ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي، 4 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ پهتل پوليو ٽيمن کي واپس موٽايو ويو، مظاھرين پاران سنڌ ۾ پاڻي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں