82

سول ايوي ايشن اٿارٽي جي 3 آفيسرن جون معطلي خلاف درخواستون رد

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سول ايوي ايشن اٿارٽي (سي اي اي) جي ٽن معطل ٿيل آفيسرن جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ مبينا طور جعلي پائلٽ لائسنس جاري ڪرڻ تي سندن خلاف ڪيل ڪارروائي کي چئلينج ڪيو ويو آهي. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ درخواستن کي ناقابل سماعت قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو ۽ رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن درخواستگذارن خلاف حتمي حڪم جاري ڪيا ويا ته هو قانون تحت متبادل ڳولي سگهن ٿا.ٽنهي اهلڪارن 2020ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي جنهن ۾ سندن معطلي ۽ شوڪاز نوٽيسز کي چئلينج ڪيو ويو هو، جنهن ۾ الزام لڳايو ويو هو ته هنن جعلي پائلٽ لائسنس ٺاهڻ لاءِ يوزر آئي ڊي ٺاهي سافٽ پروٽوڪول جي ڀڃڪڙي ڪئي هئي. ٻنهي ڌرين کي ٻڌڻ کانپوءِ بينچ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته آئين جي آرٽيڪل 199 تحت موجود صوابديد کي آزاديءَ سان استعمال نٿو ڪري سگهجي ۽ اهو صحيح بنيادن تي هجڻ گهرجي جنهن ۾ مخصوص ۽ قابل اطلاق قانوني يا آئيني حقن جي ڀڃڪڙي ٿئي.اهو وڌيڪ چيو ويو آهي ته اهڙي صوابديد کي آئين ۽ سپريم ڪورٽ جي تازي فيصلي جي مطابق ترتيب ڏنل پيرا ميٽرز جي حوالي سان منظم ۽ محتاط انداز ۾ استعمال ڪيو وڃي. ، بينچ نوٽ ڪيو ته موجوده درخواستن ۾ اهڙن عنصرن جو فقدان آهي ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ آرٽيڪل 199 تحت پنهنجي صوابديد جو استعمال ڪندي نه ته حقيقتن جي تڪرار ۾ داخل ٿي سگهي ٿي ۽ نه ئي حقيقتن جي تڪراري سوالن کي حل ڪري سگهي ٿي.هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ به جولاءِ 2020ع ۾ ان حوالي سان پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ حڪم جاري ڪيو هو ۽ مشاهدو ڏنو ته ڪنهن به مداخلت پوري عمل ۾ رڪاوٽ پيدا ڪئي ۽ ان کي روڪيو ۽ عدالتي مداخلت کانسواءِ ان تي ڊپارٽمينٽل ڪارروائي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ان نتيجي تي پهتو ته اهو قانون جو قائم ڪيل اصول آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو آئين جي آرٽيڪل 189 ۽ 190 جي بنياد تي رياست جي هر فرد تي لاڳو ٿئي ٿو. CAA  چيو ته CAA پاران جوڙيل بورڊ آف انڪوائري خلاف ورزي/بدعنواني جي جاچ ڪئي ۽ اٿارٽي جا ڪيترائي ملازم جعلي لائسنس جاري ڪرڻ ۾ ملوث ڏٺا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں