87

پ پ اڳواڻ منظور وساڻ جي ضمانت ۾ 27 جون تائين واڌ

ڪراچي (رپورٽر) پ پ اڳواڻ منظور وساڻ جي 27 جون تائين ضمانت ۾ واڌ ڪئي وئي آھي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پ پ اڳواڻ منظور وساڻ خلاف نيب جاچ ۾ درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت کان بار بار مهلت گهُرڻ باوجود نيب منظور وساڻ خلاف جاچ مڪمل نه ڪري سگهي، نيب سکر جي جاچ آفيسر اڳڀرائي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي، جاچ آفيسر موجب هيڊ ڪوارٽر طرفان لڳايل ڪجهه اعتراضن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تائين منظور وساڻ جي ضمانت ۾ واڌ ڪندي جاچ آفيسر کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں