82

ڪراچي: پي ٽي آءِ ڪارڪنن پوليس موبائل کي باهه ڏئي ڇڏي، ڪيترائي اهلڪار زخمي

 ڪراچي (رپورٽر) پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ جي سلسلي ۾ ڪراچي جي نمائش چورنگي تي به ڪارڪن گڏ ٿيا، جتي ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.ڪراچي ۾ نمائش چورنگي تي پي ٽي آءِ جي احتجاج ۾ شدت اچي وئي، مڇريل ماڻهن هڪ پوليس موبائل کي باهه ڏئي ڇڏي، جڏهن ته پٿراءَ ۾ ايس پي سميت ڪيترائي پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن.پوليس اهلڪارن احتجاج ڪندڙن کي ڇروڇڙ ڪرڻ لاءِ هوائي فائرنگ ڪئي پر مڇريل ماڻهن جو انگ وڌندو ويو، شاهراهه قائدين تي خدا داد ڪالوني چورنگي ۽ نوراني چورنگي تي به ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي.ان کان اڳ نمائش چورنگي تي تحريڪ انصاف ڪارڪنن گڏ ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس انهن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ لٺبازي ڪئي، جڏهن ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي پٿراءَ ۾ 3 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا.پي ٽي آءِ ڪارڪنن نوراني سگنل، خدا داد سگنل ۽ ڀرپاسي ۾ سمورا دڪان بند ڪرائي ڇڏيا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں