76

ڪراچي ۾ فائيو اسٽار هوٽل جي ڇت ڪري پئي، 2 ڄڻو فوت، 2 زخمي

 ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ فائيو اسٽار هوٽل جي ڇت ڪرڻ سبب 2 ڄڻا فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا.ريسڪيو ذريعن موجب پي آءِ ڊي سي ويجهو فائيو اسٽار هوٽل جي لابي جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا، جن مان هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. اسپتال انتظاميا موجب فوت ٿيل هڪ شخص جي سڃاڻپ رئيس احمد جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته زخمين ۾ نفيسه ۽ نرگس شيخ شامل آهن. واقعي کانپوءِ پوليس، رينجرز ۽ امدادي ٽيمون فائيو اسٽار هوٽل پهچي ويون، جن لاش ۽ زخمين کي جناح اسپتال منتقل ڪيو.پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور واقعو حادثو ٻڌايو پيو وڃي، حادثي واري جاءِ تي تخريبڪاري جو ڪو عنصر نظر نه آيو، جڏهن ته ان حوالي سان جاچ ڪئي پئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں