93

جعلي ڊوميسائل رکندڙ ڪي پي ڪي واسي نوجوان سنڌ ۾ ماستر مقرر

مانجھند (رپورٽر) مانجهند ۾ جعلي ڊوميسائيل ذريعي ڪي پي ڪي واسي نوجوان کي ماستري ملڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، جعلي ڊوميسائيل تي استاد مقرر ٿيل اسرار پٽ خوشحال بخش 2010ع ۾ انٽر پشاور مان ڪئي، ذريعن موجب اسرار مانجهند مان جعلي ڊوميسائيل ٺهرايو، يوسي سيڪريٽري حفيظ راڄڙ کيس رهائشي سرٽيفڪيٽ ڏنو، ساڃاهه وندن پاران جعلي ڊوميسائيل ٺاهي ڏيڻ تي ٽائون عملي ۽ يوسي سيڪريٽري خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آھي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں