76

ڇا ڪنهن کي رياست جي زمين ڀڳڙن مٺ تي ڏئي سگهجي ٿي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي علائقي ابراهيم حيدري ۾ 2 ايڪڙ زمين رڳو 2 لک رُپين ۾ وڪرو ٿيڻ تي حيرت جو اظهار ڪيو آهي،  جسٽس حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا ڪنهن کي رياست جي زمين ڀڳڙن مُٺ تي ڏئي سگهجي ٿي، اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته اربين رُپين جي زمين ٽڪن جي مُلهه ۾ ڏني وڃي. عدالت چيو ته ڪو اک جو تارو ئي هوندو، جنهن تي ايڏي مهرباني ٿي آهي، پهرين درخواستگذار جي زمين ثابت ڪيو، پوءِ ڪو حڪم جاري ڪيو ويندو. عدالت درخواست ٻڌڻ جوڳي هجڻ يا نه هجڻ بابت دليل طلب ڪري ورتا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں