86

روهڙي ڀرسان پسند جو پرڻو ڪندڙ ناريءَ جي مائٽن نوجوان جي ڳوٺ کي باهه ڏئي ڇڏي، ٻارڙي سڙي فوت

روھڙي (رپورٽر) روهڙي ڀرسان پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري جي مائٽن نوجوان جي ڳوٺ کي باهه ڏئي ڇڏي، معصوم ٻارڙي سڙي فوت، 10 گهر الهه تلهه سوڌو سڙي ويا، ڳوٺ ميوو ڪلادي ۾ چوهاڻ ڌُر جي هٿياربندن حملو ڪري گهرن کي باهيون ڏنيون.باھ لڳڻ سبب 4 ورهين جي صاحبه پنهوار سڙي فوت ٿي وئي، دُبر ٿاڻي جي پوليس پهچي ڌُرين ۾ فائرنگ بند  ڪرائِي، علائقي ۾ ڇڪتاڻ جي صورتحال پيدا ٿي وئي آھي، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ناري صغريٰ چوهاڻ گذريل ڏينهن گهران نڪري نوجوان قربان پنهوار سان پسند جو پرڻو ڪيو هو، جنهن تان ڌُرين ۾ جهيڙو شروع ٿيو، ناري جِي ڌُر جَي هٿياربندن نوجوان جي ڳوٺ تي مبينا حملو ڪيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں