88

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران نمره ڪاظمي جي ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ نمره ڪاظمي جي ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي عمر جو تعين ٿيڻ تائين ڇوڪري کي پناهه شيلٽر هوم موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نمره ڪاظمي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته نمره ڪاظمي کي بازياب ڪرايو ويو آهي، ٻڌڻي دوران جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو نمره ڪاظمي کان پڇو ته توهان ڪهڙي ڪلاس ۾ پڙهندا آهيو، نمره جواب ڏنو ته مان ميٽرڪ ۾ پڙهندي آهيان، جنهن تي عدالت چيو ته ڪلاس 10 ۾ ته عمر 14 کان 15 سال هوندي آهي، تون 18 سالن جي ته ناهين، نمره ڪاظمي جواب ڏنو ته منهنجي عمر گهٽ لکرائي وئي آهي، ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائي وڃي.ماءُ ٻڌايو هو ته عمر گهٽ لکرائي وئي آهي، جنهن بعد عدالت نمره ڪاظمي جي ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں