81

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران دعا زهرا کي بازياب نه ڪرائڻ تي آءِ جي سنڌ کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ ڪامران فضل کي عهدي جي جارچ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ دعا زهرا جي بازيابي بابت ڪيس جو تحريري فيصلو جاري ڪندي آءِ جي سنڌ ڪامران فضل کان عهدي جي چارج واپس وٺڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.ٻڌڻي دوران عدالت دعا زهرا کي بازياب نه ڪرائڻ تي پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو جڏهن ته پوليس اختيارين عدالت کي ٻڌايو ته ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي هزارا ساڻن سهڪار نه پيا ڪن.درخواست گذار جي وڪيل جو چوڻ هو ته پوليس معاملي ۾ سستي جو مظاهرو ڪري رهي آهي جڏهن ته عدالت به پنهنجي آبزرويشن ۾ اهو ئي چيو هو ته پوليس معاملي ۾ دلچسپي نه پئي ڏيکاري.عدالت پنهنجي حڪم ۾ اسٽيبليشمينٽ ڊويزن کان آءِ جي سنڌ جي چارچ ڪنهن ٻئي اهل آفيسر کي ڏيڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته راءِ ڏني وڃي ته ڪامران فضل ان عهدي لاءِ اهل آهي يا نه ؟ .ان کانسواءِ عدالت ايم آءِ ٽي سنڌ هاءِ ڪورٽ جا عدالتي حڪم نئين مقرر ٿيندڙ آفيسر کي پهچائڻ جو پڻ حڪم ڏنو.ياد رهي ته عدالت گذريل ٻڌڻي تي به پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي آءِ جي سنڌ کي حڪم ڏنو هو ته دعا زهرا کي ايندڙ ٻڌڻي تي هر صورت ۾ پيس ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں