69

وقتي آءِ جي کان چارج واپس وٺڻ وارو سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو نامناسب هو: وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آھي تھ وقتي آءِ جي کان چارج واپس وٺڻ وارو سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو نامناسب هو، عدالت کي خبر هجڻ گهرجي ته وفاق سان مشاورت بعد آءِ جي مقرر ٿيندو آهي، ائين ناهي ٿيندو ته هڪڙي کي هٽائي ٻيو آندو وڃي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاق سان نئين آءِ جيءَ جي مقرري بابت  مشاورت هلندڙ آهي، نئون آءِ جي مقرر ٿيڻ تائين سينيئر ترين آفيسر کي وقتي چارج ڏني هئي، ڪراچي ۾ ايمرجنسي سروس ڊبل ون ڊبل ٽو جو آغاز ٿي ويو، وڏي وزير مراد علي شاهه ايمرجنسي سروس جو افتتاح ڪري ڇڏيو، پهرئين مرحلي ۾ 230 ايمبولينسز کي سروس ۾ شامل ڪيو ويو. ايمبولينسز کي حادثن يا هنگامي حالتن ۾ استعمال ڪيو ويندو، حڪومت طرفان ريسڪيو ڊبل ون ڊبل ٽو جا سينٽرز به قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيوويو آھي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں