71

آءِبي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ 200 ڄڻن جا ڊوميسائيل جعلي نڪتا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ ۾ استادن جي آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ 200 کان وڌيڪ ماڻهن جا ڊوميسائيل جعلي نڪتا، جڏهن ته ٻين صوبن جي اميدوارن جعلي ڊوميسائل تي ٽيسٽ ۾ حصو ورتو. ذريعن موجب سڄي سنڌ ۾ 137 عورت اميدوارن جا ڊوميسائيل جعلي نڪتا، جن ۾ شرقي، ملير، ڪورنگي ۽ سينٽرل ضلعن مان 122 عورت اميدوار جعلي دستاويزن تي پاس ٿيا.دستاويزن ۾ انڪشاف ٿيو ته جمشيد ٽائون ۾ 50، سينٽرل ۾ 11 ۽ ملير ۾ 14 عورتن جا ڊوميسائيل جعلي نڪتا، جڏهن ته بدين ۾ 14، گهوٽڪي ۾ 12، ڪشمور ۾ 12، حيدرآباد ۾ 6، لاڙڪاڻي ۾ 5 ۽ مٽياري ۾ هڪ عورت جا ڊوميسائيل جعلي نڪتا ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي اميدوارن جا شناختي ڪارڊ ۽ فارم ڊي به جعلي آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں