60

ڪراچي ۾ جيل چورنگي وٽ سُپر اسٽور کي لڳل باهه تي ٻئي ڏينهن به ضابطو نه آيو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ جيل چورنگي وٽ سُپر اسٽور کي لڳل باهه تي ٻئي ڏينهن به ضابطو نه آيو، باهه سبب 15 ماڙ رهائشي عمارت کي ڏار پئجي ويا، سموري شهر جا فائر ٽينڊرز باهه وسائڻ جي ڪوششن ۾ رُڌل آھن. فائر برگيڊ اختيارين جو چوڻ آهي ته سُپر اسٽور جي بيسمينٽ ۾ لڳل باهه تي 80 سيڪڙو ضابطو اچي ويو آهي، بيسمينٽ ۾ وڃڻ جا رستا بند هجڻ سبب ڏکيائيون پيش اچن پيون.فائر برگيڊ اختيارين وڌيڪ چيو تھ ڪوشش آهي ته اڄ ئي باهه تي ضابطو آندو وڃي، گذريل ڏينهن سُپر اسٽور کي باهه لڳڻ بعد 15 ماڙ رهائشي عمارت جا سمورا فليٽس خالي ڪرايا ويا هئا، گذريل ڏينھن جيل چورنگي وٽ سپر اسٽور کي باھ لڳي ھئي جيڪا اڃان تائين ڪنٽرول ۾ نھ اچي سگھي آھي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں