102

ڪراچيءَ وارا ٿي وڃن تيار، مون سون جو آغاز معمول کان اڳ ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچيءَ وارا ٿي وڃن تيار، ڇاڪاڻ ته هن ڀيري مون سون معمول کان اڳ شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته مون سون جون هوائون ڪراچي ۾ جون جي وچ ڌاري داخل ٿي سگهن ٿيون جڏهن ته هن ڀيري مون سون دوران معمول کان وڌيڪ برسات جو امڪان آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته مون سون جو سمورو سسٽم هن وقت مضبوط آهي، 5 کان 6 طاقتور مون سون سسٽم ڪراچي کي متاثر ڪري سگهن ٿا.  موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته وچ جون تائين موسم گرم ۽ خشڪ رهندي، جڏهن ته 15 جون کان پوءِ گجگوڙ شروع ٿي ويندو.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته عربي سمنڊ ۾ هوا جو گهٽ دٻاءُ به ٿي سگهي ٿو، ملڪ ۾ گرمي پد وڌيڪ ۽ عربي سمنڊ ۾ وڌيڪ گرمي پد سان مون سون جو سلسلو مضبوط ٿيندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں