83

ميھڙ واقعو، ٻڌڻي 13 جون تائين ملتوي، سردار ڊيڄاري نه ٿا سگهن، انصاف ضرور ملندو: ام رباب

لاڙڪاڻو (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ ميهڙ ۾ ٽيڻي قتل ڪيس جي جوابدار ايم پي اي برهان چانڊيو جي ضمانت درخواست تي ٻڌڻي 13 جون تائين ملتوي ڪئي وئي آھي، ٻڌڻي ۾ پيشي بعد اُم رباب چيو آهي ته نئين جج درخواست تي ٻڌڻي بابت چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کان راءِ ورتي آهي، پُراميد آهيون ته پهرين جيان هن دفعي به جوابدار ضمانت نه ملندي،ام رباب  چانڊيو چيو تھ منهنجي خاندان جا 3 ڀاتي قتل ٿيا آهن، اسان انصاف لاءِ هتي اچون ٿا، لاڙڪاڻو هاءِ ڪورٽ تائين پهچڻ اسان لاءِ خطري کان خالي نه آهي، اسان کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن.ھن چيو تھ سردارن کي پيغام ڏيان ٿي ته توهان اسان کي ڊيڄاري نٿا سگهو، عدليه مان اُميد آهي ته اسان کي مايوس نه ڪيو ويندو ۽ انصاف ملندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں