77

دعا زهريٰ مڙس جي حق ۾ بيان ڏئي ڇڏيو، عدالت پاران عمر جاچڻ لاءِ ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) پنجاب مان بازياب ٿيل دعا زهريٰ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مڙس سان گڏ وڃڻ جو بيان ڏئي ڇڏيو آھي، دعا زهريٰ عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو، مرضيءَ سان ظهير سان شادي ڪئي آهي، دعا زھرا عدالت ۾ چيو تھ منهنجي عمر 18 سال آهي، پنهنجي مڙس ظهير سان گڏ رهڻ گهران ٿي، مان پنھنجي مرضي سان وئي ھيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ دعا زهريٰ جي عمر جو پتو لڳائڻ لاءِ ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي، رپورٽ اچڻ تائين کيس شيلٽر هوم منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي،  عدالت ۾ دعا زهريٰ جي والدين طرفان ڌيءُ سان ملڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پوليس عدالت جي اجازت بنا ملاقات ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں