67

دعا منگي اغوا ڪيس جو جوابدار زوھيب قريشي پوليس هٿان هاف فراءِ

ڪرمپور (رپورٽر) ڪرمپور پوليس جي مبينا مقابلي دوران دعا منگي اغوا ڪيس ۾ فرار ٿيل جوابدار زوهيب قريشي کي هاف فراءِ بعد گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي، ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته لنڪ روڊ تي جِي ايل آءِ گاڏي کي بيهڻ جو اشارو ڪيو ته گاڏي ۾ سوار هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جوابي فائرنگ ۾ جوابدار زوهيب قريشي زخمي ٿي پيو، پوليس جو چوڻ ھو تھ زخمي زوھيب قريشي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ بعد اسپتال منتقل ڪيو ويو، زوهيب قريشي بسمه ۽ دعا منگي اغوا ڪيسز ۾ روپوش جوابدار آهي، زوهيب قريشي ڪراچي ۾ شاپنگ جي بهاني سان پوليس جي حراست مان فرار ٿيو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں