77

ڪراچي واسين لاءِ بري خبر، بجلي وري 6 رپيا 40 پئسا في يونٽ مهانگي

اسلام آباد (رپورٽر) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 6 رپيا 40 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.نيپرا جي فيصلي موجب آڪٽوبر کان ڊسمبر 2021ع تائين جي ٽه ماهي ۾ بجلي جي اگهن ۾ 2 رپيا 45 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي.جولاءِ کان سيپٽمبر 2021ع جي ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي 95 پئسا في يونٽ سستي ڪئي وئي، جڏهن ته جنوري کان مارچ جي ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي 47 پئسا في يونٽ سستي ڪئي وئي. نيپرا جو فيصلو وفاقي حڪومت جي منظوري کانپوءِ صارفين تي لاڳو ٿيندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں