77

ڪراچي ۾ باهه ڀڙڪي پئي، 500 کان وڌيڪ گاڏيون سڙي رک

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال ۾ خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 500 کان وڌيڪ موٽرسائيڪلون، بسون، رڪشا ۽ ڪيس پراپرٽيز جون ڪيتريون ئي گاڏيون سڙي رک ٿي ويون.فائر برگيڊ اهلڪارن موجب باهه گلشن اقبال عزيز ڀٽي پارڪ ڀرسان لڳي جنهن بعد نگراني هيٺ آيل گاڏين کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو.نظارت اها جاءِ هوندي آهي جتي سامان جهڙوڪ موٽرسائيڪل، بس، ٽرڪ، گاڏيون ۽ رڪشا ۽ ٻيو سامان ڪيس جي ملڪيتن ۾ رکيو وڃي ٿو ۽ ضرورت مطابق عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو.اختيارين جو چوڻ آهي ته باهه تي ضابطو آندو ويو آهي پر ٽائر سڙڻ سبب دونهون بلند ٿي رهيو آهي، فائر برگيڊ جون 6 گاڏيون باهه وسائڻ ۾ مصروف آهن، ڪوششون جاري آهن ته جلد باهه تي ضابطو آندو وڃي، فليٽس کي محفوظ بڻايو وڃي.اختيارين جو چوڻ آهي ته باهه ۾ 500 کان وڌيڪ موٽرسائيڪلون، هڪ بس، ٻه رڪشا ۽ 6 کان 7 گاڏيون مڪمل طور تي سڙي رک ٿي ويون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں