70

ڪنري ۾ سول جج سان بدتميزي ڪندڙ 2 پوليس اهلڪار گرفتار، ڪيس داخل

ڪنري (رپورٽر) ڪنري ۾ پوليس اهلڪارن پاران سول جج سان مبينا بدتميزي واري مامري ۾ اڳڀرائي ٿي آھي، ڪنري ۾ سول جج سان مبينا بدتميزي  ۽ کيس ٿاڻي تي وٺي وڃڻ جو ٻن  پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي،گذريل رات هيڊ ڪانسٽيبل ميان بخش چانڊيو ۽ اهلڪار خالد جٽ سول جج زاهد حسين مغيري سان مبينا بدتميزي ڪئي، پوليس اهلڪار مبينا منهن  ماري ڪندي سول جج کي ٿاڻي  تي وٺي ويا هئا، پوليس ايس ايڇ او جي فرياد تي  ڪيس داخل ڪري ٻنھي اھلڪارن کي گرفتار ڪري ورتو آھي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں