65

سنڌ جي 1714 ارب رپين جي بجيٽ پيش، پگهار ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي 1714 ارب رپين جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي، جنهن ۾ پگهارن ۾ 15 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ سميت پوليس ڪانسٽيبل جو گريڊ 5 مان وڌائي 7 ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ سيد مراد علي شاهه بجيٽ پيش ڪئي، بجيٽ جو ڪاٿو 1714 ارب رپيا آهي، جڏهن ته 33 ارب رپين جو خسارو آهي.وڏي وزير چيو ته سروسز تي صوبائي ٽيڪس 180 ارب رپيا هوندو، سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ 332..165 ارب رپيا رکيا ويا آهن، غريبن جي سماجي تحفظ لاءِ 26 ارب رپين جي پيڪيج جو اعلان ڪيو ويو آهي.سيد مراد علي شاهه چيو ته سماجي تحفظ کاتي لاءِ 15.435 ارب رپيا رکيا ويا آهن، تعليم جي شعبي لاءِ 326.80 ارب رپيا رکيا ويا آهن، سنڌ جي 7 ضلعن ۾ يونيورسٽي يا ڪيمپس قائم ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ويو آهي.هن ٻڌايو ته واٽر اينڊ سيوريج سيڪٽر لاءِ 224.675 ارب رپيا رکيا ويا آهن، زراعت ۽ آبپاشي کاتي جي ترقياتي پروگرام لاءِ 36.2 ارب رپيا رکيا ويا آهن، گهرو کاتي سميت پوليس ۽ جيل لاءِ 124.873 ارب رپيا رکيا ويا آهن.سيد مراد علي شاهه چيو ته هن بجيٽ ۾ ڪو نئون ٽيڪس ناهي لڳايو ويو، اسان فنانس بل پيش نه ڪنداسين.هن صوبي ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف الائونس جو اعلان ڪيو، گڏوگڏ پوليس ڪانسٽيبل جو گريڊ 5 کان اپ گريڊ ڪندي 7 ڪرڻ جو به اعلان ڪيو.گريڊ هڪ کان 16 جي سرڪاري ملازمن جي بنيادي پگهار ۾ 33 سيڪڙو واڌ ۽ گريڊ 17 کان مٿي جي سرڪاري ملازمن لاءِ 30 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو ويو.وڏي وزير چيو ته مسلسل ٻئي سال اسان ڪو نئون ٽيڪس ناهي لڳايو، پگهارن ۾ 15 سيڪڙو واڌ باوجود وفاق يا ڪنهن صوبي ۾ پگهار ۽ پينشن وڌيڪ ٿي ته ان جي برابر ڪنداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں