65

پيٽرول اگهن ۾ واڌ خلاف سڄي سنڌ ۾ ماڻهو رستن تي نڪري آيا، مظاهرا ۽ ڌرڻا

ڪراچي (رپورٽرز) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پئٽرول اگهن ۾ واڌ خلاف مظاهرا ۽ ڌرڻا، وفاقي حڪومت پاران پئٽرول اگهن ۾ واڌ بعد عوام جي چيلهه چٻي ٿي وئي، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ ڌرڻا ھنيا ويا آھن.پئٽرول اگهن ۾ واڌ خلاف ڪوٽ غلام محمد، ٽنڊو رحيم خان، ڦل، مبارڪپور سميت مختلف شهرن ۾ مظاهرا جاري آھن، مظاھرين جو چوڻ آھي تھ پئٽرول اگهن ۾ واڌ سبب مهانگائي اڃا وڌندي، غريب طبقو ٻه ويلا ماني کان  اڳ ئي محروم ٿي چڪو آهي، مظاھرين جو چوڻ ھو تھ پئٽرول اگهن ۾ گهٽتائي آڻي ڳاٽي  ٽوڙ مهانگائي تي ضابطو آندو  وڃي، ٻي صورت ۾ مظاھرن جو سلسلو تيز ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں