77

اين اي 240 تي ننڍي چونڊ، ٽي ايل پي سان چوٽيءَ جو مقابلو، متحده سيٽ بچائڻ ۾ ڪامياب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي جي تڪ اين اي 240 تي ننڍي چونڊ ۾ غير سرڪاري نتيجن موجب متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جو محمد ابوبڪر ڪامياب ٿي ويو. هن ضمني چونڊ ۾ 25 اميدوار ميدان ۾ هئا جڏهن ته اها سيٽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ميمبر قومي اسيمبلي اقبال محمد علي جي لاڏاڻي تي خالي ٿي هئي. پولنگ دوران هڙتالون ۽ فائرنگ به ٿي، جنهن ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. اين اي 240 ڪورنگي ڪراچي 2 جي ضمني چونڊ جي 309 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري نتيجن موجب متحده قومي موومينٽ پاڪستان جو محمد ابوبڪر 10683 ووٽ کڻي اڳتي جڏهن ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) جو شهزادو شهباز 10618 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي آهي . ان کان علاوه مهاجر قومي موومينٽ جي رفيع الدين 8349 ووٽ ۽ پ پ جي ناصر رحيم 5240 ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته پاڪ سرزمين پارٽي جي شبير قائم خاني 4782 ووٽ حاصل ڪيا. اليڪشن ڪميشن موجب تڪ ۾ ٽرن آئوٽ 8.38 سيڪڙو رهيو ۽ ووٽرن جو ڪل انگ 529855 آهي. صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز احمد چوهاڻ چيو آهي ته پولنگ اسٽيشن نمبر 51 جو نتيجو نه روڪيو ويو آهي، نتيجو هاڻي جاري ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں