63

بخشاپور ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ مڙس هٿان زال بيدرديءَ سان قتل

بخشاپور (رپورٽر) بخشاپور ڀرسان مڙس پنھنجي گھرواري کي ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ڪري ڇڏيو آھي، ڪچي جي ڳوٺ پيارو  سندراڻي ۾ مڙس ڪارنهن تهمت مڙهي زال کي قتل ڪري ڇڏيو آھي، ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن جو چوڻ ھو تھ محمد سندراڻي ساٿين  سان گڏجي پنهنجي زال سردار  خاتون کي قتل ڪيو، جڏھن تھ اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائيءَ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪو گهر پهچائڻ تي ڪهرام مچي ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں