75

دعا زهريٰ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي مان لاهور وڃي پسند جي شادي ڪندڙ دعا زهريٰ جي والد سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي، دُعا زهريٰ جي والد مهدي ڪاظمي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ خامي آهي، دعا زهريٰ جي پيءُ موقف اختيار ڪيو ته  عدالت آڏو پيش ڪيل ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ ۾ دعا زهريٰ جي عمر 17 سال ڄاڻائي وئي آهي، جڏهن ته نادرا ريڪارڊ ۽ تعليمي سرٽيفڪيٽس موجب دعا زهريٰ 14 سالن جي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ 8 جون تي پنهنجي تحريري فيصلي ۾ دعا زهريٰ کي پنهنجي مرضيءَ موجب فيصلو ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں