66

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات، گرميءَ جو زور ٽٽي ويو، ماڻهن ۾ سرهائي

ڪراچي (رپورٽرز) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ گجگوڙ سان برسات بعد موسم خوشگوار ٿي وئي آهي، گهوٽڪي، ڪشمور، مديجي، راونتي، بهرام، قمبر، تنگواڻي، قادرپور ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات پئي آهي، انتظامي لاپرواهي سبب رستن ۽ گهٽين تي برساتي پاڻي بيهجي وڃڻ سبب شهرين کي اچ وڃ ۾ ڏکائيون پيش اچي رهيون آهن،  برسات سبب بجلي ۽ مواصلاتي نظام پڻ ڊانواڊول ٿي ويو آهي، جنهن سبب عام ماڻهو سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں