66

دوست ملڪ عمران خان جي ڪري ناراض آهن: مولانا فضل الرحمان

سکر (رپورٽر) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته گذريل حڪومت آءِ ايم ايف سان سخت شرطن تي معاهدو ڪيو هو، ملڪ ۾ مهانگائي جو سبب ترقياتي معاهدو هو. سکر ۾ سنڌ باب الاسلام ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف سان سخت شرطن تي معاهدو ڪيو هو، ملڪ ۾ مهانگائي جو سبب ترقياتي معاهدو آهي.مولانا فضل الرحمان چيو ته اڳوڻي حڪومت اسٽيٽ بئنڪ کي آءِ ايم ايف حوالي ڪيو، دوست ملڪ به عمران خان جي ڪري ناراض آهن. عمران خان کي حڪومت تان هٽايو ويو آهي، هاڻي چيو پيو وڃي ته ڪميشن جوڙي وڃي، پر عمران خان کي ڇو آندو ويو، پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو فيصلو اڃا تائين نه ٻڌايو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں