87

ڪراچي جي مڇر ڪالوني ۾ گهر جي ڇت ڪري پئي، ماءُ ٻن ڌيئرن سميت فوت

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڪياماڙي مچر ڪالوني ۾ مرمتي ڪم دوران گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ماءُ ٻن ڌيئرن سميت فوت ٿي وئي، ڪياماڙي جي مڇر ڪالوني ۾ اڏاوتي ڪم دوران گهر جي ڇت ڊهي پٽ پئجي وئي، ريسڪيو ذريعن موجب حادثي جي نتيجي ۾ ماءُ ڌيئرنسميت  فوت ٿي وئي ۽ هڪ زخمي ٿي پئي، فوت ٿيلن ۾ 30 ورهين جي رشيده ۽ 2 ڌيئر 14 سالا آمنه ۽ 18 ورهين جي ياسمين شامل آهن.فوت ٿيل عورت جي مڙس موجب مرمتي ڪم سبب ڇت تي اضافي وزن رکيو ويو، وزن جي ڪري ٻه ڪمرن تي ٻڌل گهر جي هڪ ڪمري جي ڇت ڪري پئي، نور عالم موجب برسات کي نظر ۾ رکندي گهر ۾ مرمتي ڪم ڪرائي رهيو هئس.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں