77

رپڙي ڀرسان پاڻيءَ جي واري تان جتوئي ۽ ڀٽي وڙهي پيا، فائرنگ، 2 ڄڻا قتل

رپڙي (رپورٽر) رپڙي ڀرسان پاڻي جي واري تان 2 ڳوٺاڻا مارجي ويا، ڳوٺ سونو خان ڀٽي ۽ جتوئي ۽ ڀٽي ڌُرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ڪئي وئي، گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ امام بخش ۽ جاويد ڀٽي مارجي ويا، جھيڙي دوران فائرنگ ۾ 2 ڄڻا پڻ زخمي ٿي پيا، کين گمبٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ جتوئي ڌُر جي ماڻهن الزام هنيو آهي ته خيرپور باءِ پاس وٽ هٿياربندن حملو ڪري ٻن ڳوٺاڻن کي قتل ڪيو آھي، ڀٽي ڌُر جو چوڻ آهي ته ڏيڍ مهينو اڳ پاڻي جي واري تان جهيڙي ۾ منٺار جتوئي مارجي ويو هو، اڄ پلاند ۾ ڀٽي ڌُر جي ٻن ڄڻن کي قتل ڪيو ويو آهي، اطلاع ملڻ باوجود پوليس حرڪت ۾ نه آئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں