74

لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، پوليس اي ايس آءِ قتل، سندس پٽ زخمي

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾پوليس اي ايس آءِ قتل، سندس پٽ مرڻينگ، وليد ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس اي ايس آءِ قتل ٿي ويو آھي،  سندس پٽ مرڻينگ ٿي پيو.ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آھي تھ اي ايس آءِ غلام اڪبر سيانچ پٽ سان  گڏ موٽرسائيڪل تي وڃي رهيو هو ته  هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪئي، پوليس موجب اي ايس آءِ علي اڪبر سيانچ اسپتال ۾  دم ڏئي ڇڏيو، سندس پٽ رياض جي  حالت ڳڻتي جوڳي آهي، معاملي جي جاچ ھلي رھي آھي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں