89

سنڌ مان تيل ۽ گئس جا نوان ذخيرا دريافت، روزانو 1400 بيرل تيل نڪرڻ جو امڪان

ڪراچي (م ڊ) سنڌ ۾ تيل ۽ گئس جا نوان ذخيرا دريافت ٿيا آهن، جن مان روزانو 1400 بيرل تيل ڪڍڻ جو امڪان آهي.جاري ڪيل پڌرائي موجب ٽنڊي الهيار ضلعي ۾ تيل ۽ گئس جا نوان ذخيرا دريافت ڪيا ويا آهن. تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي ڳولا لاءِ ڪل 2573 ميٽر کوٽائي ڪئي وئي، جيڪي آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪمپني پاران دريافت ڪيا ويا.ماهرن موجب تيل ۽ گئس جي ان نئين ذخيري جي دريافت سان طلب کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي، جڏهن ته خام تيل ۽ گئس جي درآمد ۾ گهٽتائي سان درآمدي بل ۾ ضرور گهٽتائي ايندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں