64

بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي ۾ ايئرڪنڊيشن لگزري انٽرا سٽي بس سروس جو افتتاح ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو(رپورٽر) چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي ۾ ٽرانسپورٽ کاتي طرفان لاڙڪاڻي واسين کي معياري ۽ سستي سفري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ايئرڪنڊيشن لگزري انٽرا سٽي بس سروس جو افتتاح ڪري ڇڏيو. افتتاح بعد بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي صوبائي گهرو وزير ايم پي اي سهيل انور سيال، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو، پي پي پي ضلعي صدر ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو ۽ پي پي پي ڊويزن لاڙڪاڻي جي صدر ۽ صوبائي صلاحڪار مير اعجاز جکراڻي سان گڏجي لگزري بس جو سفر ڪيو، جتي ڊپٽي ڪمشنر کيس ايئرڪنڊيشن لگزري بسن جي روٽن بابت آگاهي پڻ ڏني، ٻئي پاسي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري افغانستان ۾ زلزلي دوران جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته افغانستان ۾ زلزلي جي نتيجي سيڪڙو قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي صدمو آهي، پاڪستاني عوام مشڪل وقت ۾ پنهنجي افغان ڀائرن سان گڏ آهي، زلزلي کان متاثر افغان عوام جي انساني بنيادن تي مدد ڪرڻ لاءِ عالمي برادري پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں