61

ڪراچي ۾ ڪلفٽن بينظير پارڪ ويجهو 7 نوجوان سمنڊ ۾ ٻڏي ويا

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن بينظير پارڪ جي ويجھو 7 ڄڻا سمنڊ ۾ ٻڏي ويا، ريسڪيو عملدارن موجب ٻڏي ويلن مان ھڪ شخص جو لاش ۽ ٽن کي بيھوشي واري حالت ۾ ڪڍيو ويو، جڏھن تھ ٽن ڄڻن جو اڃان پتو ناھي پئجي سگھيو. ريسڪيو عملدارن موجب جنھن شخص کي مئل حالت ۾ ڪڍيو ويو، ان جي سڃاڻپ سيف الله جي نالي سان ٿي آھي.ريسڪيو عملدارن موجب رات دير سان ايڌي ۽ چيپا جي ٽوٻن گم ٿيل ماڻھن جي لاءِ آپريشن ڪيو جيڪو اوندھ جي ڪري صبح تائين ملتوي ڪيو ويو، ٽوٻن جو چوڻ ھو تھ سمنڊ ۾ ٻڏي گم ٿيلن جي ڳولا لاءِ ٻيھر آپريشن شروع ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں