ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي شيڊول خلاف داخل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، عدالت درخواستن تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آھي.ٻڌڻي دوران چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ لاڳاپيل اختياريون عدالت ۾ پيش ٿيا، پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ قومپرست پارٽين جا اڳواڻ به ٻڌڻي دوران شريڪ ٿيا، ايم ڪيو ايم جي وڪيل چيو تھ تڪبندين ۾ قانون گهُرجون پوريون نه ڪيون ويون، جڏھن تھ ٻڌڻي دوران عدالت چيو ھو تھ اڄ ئي فيصلو ٻڌايو ويندو پر ھاڻ ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي آھي.
